ڊاڪٽر احمد سومرو

ڊاڪٽر احمد سومرو

احمد سومرو ڊاڪٽر

احمد سومرو، ڊاڪٽر: استاد ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر احمد سومرو، 6 ڊسمبر 1982ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشھري فيروز ۾ محمد عمر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. ’سومرا دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو تحقيقي جائزو‘ جي عنوان هيٺ مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي. 2010ع ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ بطور ليڪچرر مقرر ٿيو. 2014ع کان ’سنڌ فيسبڪ فرينڊس‘ نالي هڪ سماجي رضاڪار سٿ وسيلي، فيسبڪ تي، سنڌي ماڻهن جي تعليمي، سماجي ۽ معاشي سھائتا ڪري رهيو آهي. سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ 2 سنڌي فونٽ: ’ايم.بي سنڌي ساهت‘ ۽ ’ايم.بي احمد سومرو‘ پڻ ٺاهيا اٿس. ان کان علاوه هن ’سنڌي ساهت ڊاٽ ڪام‘ جي نالي هڪ ويب سائيٽ پڻ ٺاهي. هن جو، ’شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب2021ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.12.06  عيسوي

استاد ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر احمد سومرو، 6 ڊسمبر 1982ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشھري فيروز ۾ محمد عمر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دادا روچيرام ٿانواڻي
ميرعلي نواز علوي شڪارپوري
رشيد احمد انڍڙ ڪامريڊ
چواين لاءِ
جنجهي مينهين ٻائي
جاويد شيخ
ڏاهري عبدالقادر
پارس عباسي
جعفر خواجو
ڀنگر غلام نبي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون